ٽولهر ٽولر

ٽولهر/ ٽولر: وڏي ڪاري جونءِ، جيڪا فقط مٿي جي وارن ۾ ٿئي. جدا جدا هنڌن تي ان کي مختلف نالا ڏنا ويا آهن، پر عام طرح هن جونءِ کي ”ٽولهر“ سڏبو آهي. هيءُ جيت وارن جي پاڙن ۾ مضبوطيءَ سان چنبڙي، مغز جي کل مان رت پيئندو آهي ۽ اتي ئي واڌ ڪندو آهي، ان جي آنن کي ’هڏا‘ يا ’ليکون‘ چون ۽ ٻچن کي ’ڄيوناتر ۾ وڏي ڪاري جونءِ کي ڀنڊ يا ڀرڀٽ به چون ٿا.اهي انسانن، ڀولڙن توڙي ٻين ڪن جانورن جي وارن ۾ به ٿين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو